سِپَ پبليڪيشن نوابشاهه

سِپَ پبليڪيشن، نوابشاهه: سپ پبليڪيشن نوابشاهه جو بنياد بخشل باغي ۽ ستار سندر نالي شاعرن، آگسٽ 1995ع ۾ هڪ ماهوار رسالي طور وڌو هو، جنهن جا صرف ٻه شمارا جاري ٿي سگھيا. ان کانپوءِ 2001ع کان ’سپ پبليڪيشن‘ ڪتابن جي ڇپائيءَ جي شروعات ڪئي. هن وقت تائين هيٺيان ڪتاب ڇپايا ويا آهن:
(1) ستارن جا رستا (شاعري: رضا ڏاهري)، (2) سپنا ساڳي مند جا (نوابشاهه جي شاعرن جو تعارف ۽ ڪلام: وسيم سومرو)، (3) سپنو سنڌو ديش جو (شاعري: بخشل باغي)، (4) رنگ پنهنجي پيار جا (شاعري: ستار سندر)، (5) مٽيءَ جي خوشبو (شاعري: بخشل باغي)، (6) ڪليسا جي دريءَ مان (شاعري: رحمت پيرزادو)، (7) درد جون آيتون (شاعري: سعيد ميمڻ)، (8) ڪينڊل لائيٽ (شاعري: رحمت پيرزادو)، (9) نيٺ ته بادل برسندا (شاعري: بادل لرا)، (10) ڪايا منجھه ڪڙن (جيل ڊائري: سيد علي محمد شاهه لڪياري)، (11)ڪئمپس ڪجراريون (شاعري: بابر جاگيراڻي)، (12) پڊعيدن: تواريخ جي آئيني ۾ (تاريخ: زاهد سومرو)، (13) درد جي ساڳي ڪٿا (شاعري: بخشل باغي)، (14) چِٺيون چندن واس (خط: سيد علي محمد شاهه لڪياري)، (15) اڄ نه پسان سي (مضمون: سيد علي محمد شاهه لڪياري)، (16) کاٻي اک جو خواب (ناول: منور سراج)، ( 17) مان توکان مور نه مرڻو هان (مضمون: ستار سندر)، (18) ازل کان پاڻ آوارا (شاعري: ستار سندر) وغيره.


هن صفحي کي شيئر ڪريو